سنڌ جو مهراڻ

سنڌ جو مهراڻ

سنڌ جو مهراڻ

سنڌ جو مهراڻ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب انگريز دؤر جي فوجي عملدار ۽ محقق ميمبر جارج راورٽيءَ جي سنڌو درياهه بابت لکيل انگريزي ڪتاب ‘Mehran of Sindh’ جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو سنڌ جي نامياري محقق عطا محمد ڀنڀري جو ترجمو ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي جاگرافيءَ سان گڏ تاريخ جو مواد، سنڌو درياهه جي آڳاٽي ۽ موجوده وهڪرن جي باري ۾ تفصيلي معلومات ڏنل آهي. ڪتاب ۾ مختلف عنوانن سان ڪُل نَو تحقيقي مضمون شايع ٿيل آهن، جن ۾
(1) سنڌو، (2) وهاٽ، بهاٽ يا قديم بي دسته، (3) چن آب يا چندرڀاڳا، (4) راوي يــا روا، (5) بياهه- قديم بپاشا يا وپاشا، (6) سُتلج، ستلاج يا شتلاج، (7) هاڪڙا، واهندا يا سنڌ ساگر ۽ چتنگ، (8) سرسوتي يا قديم سَرس وتي، (9) گهگهر يا قديم دريشدوتي شامل آهن. هن ڪتاب ۾ سنڌ کانسواءِ پنجاب جي درياهن جو به تفصيلي احوال ۽ انهن درياهن جي اڳوڻن تاريخي نالن جو به ذڪر ملي ٿو.
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري 1995ع ۾ شايع رنگين ٽائيٽل، ڊيمي سائيز ۽ پڪي جلد سان هيءُ ڪتاب 672 صفحن تي مشتمل آهي، جڏهن ته ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو